عاشق زهر پياڪ

عاشق زهر پياڪ

عاشق زهر پياڪ ڪتاب

عاشق زهر پياڪ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب رشيد ڀٽيءَ جي پنج ائڪٽي ناٽڪ تي مشتمل آهي، جيڪو تاريخي ڪردار سرمد جي زندگيءَ تي آهي. ڪتاب جي مُهڙ ۾ رشيد ڀٽي جو تعارت، بشير منگيءَ جو ‘رشيد ڀٽيءَ جي جاکوڙي اديب ۽ سياستدان’ جي سري سان مضمون، جي. ايم سيد جو سرمد جي زندگيءَ تي مضمون ۽ ناز سنائيءَ جو رايو شامل آهي. 78 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو آگسٽ 1968ع ۾ مهراڻ پبلشرز سکر پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌي ساهت گهر آڪٽوبر 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي ارپنا انيتا، اُمش ۽ خالد اقبال جي ڪيل آهي. هن ڪتاب جي قيمت 48 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو